رونجهو اميربخش

رونجهو، اميربخش: مشهور چنگ نواز اميربخش رونجهو، 1943ع ۾ ڳوٺ سومار تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. چاردرجا سنڌي تعليم حاصل ڪيائين. غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. ان وقت ڳوٺاڻين محفلن ۾ بانسري، الغوزو، بوڙينڊو، چنگ ۽ ٻيا ساز وڄايا ويندا هئا ۽ گهر ۾ سندس وڏو ڀاءُ محمد موسيٰ به سٺو چنگ وڄائيندڙ هو، کين ڏسندي هن به چنگ وڄائڻ شروع ڪيو. ابتدا ۾ پنهنجي ڀاءُ محمد موسيٰ کان سکيا ورتائين. هن جڏهن ريڊيو حيدرآباد تان فتح خان جي ڪچهريءَ ۾ چنگ ٻڌو ته سندس اندر جو ستل فنڪار جاڳي پيو ۽ هي پڇائيندو وڃي فتح خان جي ڪچهريءَ ۾ چنگ وڄائيندڙ گهنور خان جي ڪردار عبدالڪريم بلوچ سان مليو، جيڪو پوءِ پي. ٽي. وي جو ڊائريڪٽر ٿيو. عبدالڪريم بلوچ سندس سٺي رهنمائي ڪئي. امير بخش، عبدالڪريم کي پنهنجو استاد مڃيندو هو. هو مقامي سطح تي چنگ وڄائيندو رهيو. ريڊيو کانسواءِ پي. ٽي. وي تي پڻ ڪيترا پروگرام ڪيائين. کيس فني مڃتا طور سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ۽ انڊس تنظيم طرفان شيلڊون به مليون ۽ ڪجهه تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، جيڪي 2010ع واري ٻوڏ ۾ سندس گهر جي سامان سميت لڙهي ويا. ان کان سواءِ 1992ع تائين ’لطيف اوارڊ‘ تقريب دوران امير بخش چنگ وڄائيندو رهيو. اهو لطيف اوارڊ به چنگ جي نموني ٺهيل هوندو هو.
اميربخش رونجهو شروع ۾ ٿاڻي احمد خان مان استاد محمد عثمان خاصخيليءَ کان چنگ ٺهرائيندو هو، ان بعد عمرڪوٽ جي مشهور ڪاريگر ڪاريهي کان چنگ ٺهرائيندو هو. هونئن به ٿاڻو احمد خان ۽ عمرڪوٽ چنگ جي ڪاريگريءَ جي حوالي سان مشهور آهن. هن نامور ڪلاڪار تي 2004ع ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي. ان بعد کيس دل جي تڪليف به ٿي پئي. غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيو ۽ سيپٽمبر 2012ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو